ذات الاهي منز هٰ مطلق ۽ پاڪ آهي، صفات کان به قطعي پاڪ آهي. صفات
جي حيثيت محض تشبيهات ۽ علامت جي آهي. صفات کي سهارو ۽ اشارو
سمجهو جن جي مدد سان اسان جي ذهن ۾ هڪ تصور پيدا ٿيندو آهي.
حقيقت ۾ وحده لاشريک جو مطلب اهو آهي ته صفات کي به شريڪ نٿو
ڪري سگهجي. توهين جي چاهيو ته انهي ذات کي صمد چئو يا وري جي
تسکين نه ٿيوءَ ته صنم ايجاد ڪري وٺو.